ڪراچي: آزاد ڪشمير ۾ مڪاني چونڊن جي غير سرڪاري ۽ غير حتمي نتيجا اچڻ جو سلسلو جاري آھي، مظفر آباد ڊويزن ۾ پي ٽي آءِ کي شڪست ملي آھي ۽ ن ليگ ميدان ماري ورتو آھي
ميونسپل ڪارپوريشن مظفر آباد تي تحريڪ انصاف 38 مان 8 سيٽون کٽي سگهي، نواز ليگ 12 وارڊ ٻهاري ورتا، پيپلز پارٽي 7، آزاد اميدوار 7 ۽ 2 سيٽون مسلم ڪانفرنس کٽي ورتيون
نيلم، جهلم ويلي ۽ مظفر آباد جي 3 ضلعن جي يونين ڪائونسلز تي تحريڪ انصاف 74 مان 33 سيٽون ٻهاري ورتيون، پيپلز پارٽي 23 سيٽون کٽيون، ن ليگ 10 ۽ آزاد اميدوارن 5 سيٽون کٽي ورتيون، ٻن سيٽن تي مسلم ڪانفرنس ڪامياب ٿي آھي