ارجنٽائن کي شڪست: سعودي ٽيم جي ڪاميابي تي وزير جِي خوشي ڏسڻ وٽان

قطر ۾ جاري فٽبال ورلڊ ڪپ ۾ سعودي عرب دلچسپ مقابلي کانپوءِ ارجنٽائن کي 1-2 تان شڪست ڏئي وڏو اپ سيٽ ڪري ڇڏيو

سعودي عرب ۽ ارجنٽائن وچ ۾ ميچ دوران قطر جو امير شيخ تميم بن حمد الثاني ۽ سعودي راندين جو وزير شهزادو عبدالعزيز بن ترڪي الفيصل به اسٽيڊيم ۾ موجود هئا
ميچ ۾ سعودي عرب جي راندين واري وزير پنهنجي ٽيم جي ڪاميابي تي ٽپا ڏيندو رهيو ۽ خوشي وچان جهمريون هڻندو رهيو
سعودي نيوز ايجنسي سعودي عرب جي ٽيم جي ڪاميابي جي موقعي تي سعودي وزيرن جون تصويرون شيئر ڪيون آهن