سمورا ٿري اسٽار جنرل برابر ۽ فوج جي قيادت ڪرڻ جي اهل آهن: آصف زرداري

اسلام آباد :اڳوڻي صدر آصف علي زرداري چيو آهي ته سمورا ٿري اسٽار جنرل برابر ۽ فوج جي قيادت ڪرڻ جي اهل آهن، آرمي چيف جي مقرري آئين ۽ قانون موجب وزيراعظم ئي ڪندو، پنهنجي جاري ڪيل بيان ۾ اڳوڻي صدر آصف زرداري چيو ته آرمي چيف جي مقرري واري معاملي کي ڪنهن به صورت ۾ سياسي نه بڻائڻ گهرجي، ان سان اداري کي نقصان پهچندو، پاڪ فوج ۾ پروموشن واري نظام تي مضبوط يقين رکون ٿا، عمران خان جي تازي يو ٽرن جي آجيان ڪيون ٿا