ڪراچي: بجلي جي بل ۾ ميونسپل ٽيڪس روڪڻ جي حڪم ۾ واڌ

ڪراچي: سنڌ هاءِ ڪورٽ ڪي اليڪٽرڪ ذريعي ميونسپل ٽيڪس جي اوڳاڙي روڪڻ واري منع نامي ۾ 26 آڪٽوبر تائين واڌ ڪري ڇڏي آھي

ايڊمنسٽريٽر مرتضيٰ وهاب عدالت ۾ پيش ٿي ٻڌايو ته ڪي اليڪٽرڪ ذريعي ٽيڪس جي اوڳاڙي شفاف عمل آهي، ساڍا 7 لک ماڻهن ٽيڪس ڏنو، ساڍا 6 ڪروڙ رپيا جمع ٿيا

عدالت قانوندان خالد جاويد ۽ منير اي ملڪ کي پنهنجو معاون مقرر ڪري ڇڏيو، ايندڙ ٻڌڻي تي دليل ڏيڻ جي هدايت، ڪيس جي ٻڌڻي 26 آڪٽوبر تائين ملتوي ڪئي وئي آھي