سنڌ ۾ برسات جي تباهڪارين بعد وڏي ٻوڏ جي وارننگ

سکر: پنجاب کان وڌيڪ وهڪرا اچڻ سبب گڊو بئراج تي انتهائي مٿانهين درجي جي ٻوڏ جو خدشو ظاهر ڪيو پيو وڃي، فلڊ فورڪاسٽ سينٽر نئين وارننگ جاري ڪري ڇڏي

سڀاڻي چشما بئراج وٽ وهڪرا ساڍا 7 لک ڪيوسڪ ٿيڻ سان انتهائي مٿانهين درجي جي ٻوڏ ايندي، گڊو بئراج تي وڏي ٻوڏ برقرار آهي

گڊو بئراج وٽ سنڌوءَ جا وهڪرا 5 لک 5 هزار ڪيوسڪ رڪارڊ ٿيا آهن، سکر بئراج وٽ پاڻي وهڪرن ۾ لاٿ نه آئي، وهڪرا 5 لک 76 هزار 414 ڪيوسڪ تي برقرار آهن

 ڪوٽڙي بئراج تي وچولي ٻوڏ جا وهڪرا 3 لک 10 هزار 686 ڪيوسڪ رڪارڊ ڪيا ويا آهن، وارننگ ۾ چيو ويو آهي ته تربيلا ۽ ڪالاغ وٽان وڌيڪ پاڻي اچڻ سبب چشما بئراج وٽ سڀاڻي انتهائي درجي جي ٻوڏ ايندي

سوات ندي ۾ تيزي سان چاڙهه بعد 2 لک 27 هزار ڪيوسڪ پاڻي ڪابل نديءَ ڏانهن وڌي رهيو آهي، وهڪرن ۾ چاڙهه بعد سنڌو درياهه منڇر مان پاڻيءَ جو ڇوڙ بند ڪري ڇڏيو

ايم اين وي ڊرين ۽ ايف پي بند کان پاڻي جي آمد جاري رهڻ سبب منڇر تي دٻاءُ وڌي رهيو آهي