ڪي اليڪٽرڪ جون بجلي جا اگهه وڌائڻ ۽ گهٽائڻ لاءِ الڳ الڳ درخواستون

ڪراچي؛ ڪي اليڪٽرڪ فيول ايڊجسٽمنٽ جي مد ٻه ڌار ڌار درخواستون ڏنيون آهن.

ڪي اليڪٽرڪ ٽه ماهي ۽ ماهوار فيول ايڊجسٽمنٽس جون ڌار ڌار درخواستون نيپرا ۾ جمع ڪرائي ڇڏيون جنهن ۾ بجلي سستي ۽ مهانگي ڪرڻ جي درخواست ڪئي وئي آهي.

ڪي اليڪٽرڪ ٽه ماهي ايڊجسٽمنٽ جي مد ۾ بجلي 14 رُپيا 53 پئسا مهانگي ڪرڻ جي درخواست ڪئي آهي ۽ اها واڌ اپريل کان جون 2022 جي ٽه ماهي ايڊجسٽمنٽ جي مد ۾ ڪئي وئي آهي.

ان کان سواءِ ڪي اليڪٽرڪ جولاءِ جي ماهوار فيول ايڊجسٽمنٽ جي درخواست پڻ داخل ڪئي آهي، جنهن ۾ بجلي 3 رُپيا 47 پئسا سستي ڪرڻ جي درخواست ڪئي وئي آهي.

ڪي اليڪٽرڪ جولاءِ ماهوار فيول ايڊجسٽمنٽ ۾ 6 ارب 25 ڪروڙ جو رليف ڏيڻ جي درخواست ڪئي آهي.

نيپرا ڪي اليڪٽرڪ جي ٻنهي درخواستن تي 31 آگسٽ تي ٻڌڻي ڪندي.