حڪومت بجيٽ تجويزن کي حتمي شڪل ڏئي ڇڏي

اسلام آباد: حڪومت نئين مالي سال جي بجيٽ تجويزن کي حتمي شڪل ڏئي ڇڏي، ذريعن موجب بجيٽ جو مجموعي ڪاٿو 9 هزار 500 ارب رُپين تائين لڳايو ويو آهي

ايف بي آر جي ٽئڪس اوڳاڙي جو هدف 7 هزار 255 ارب رُپيا ڪرڻ جي تجويز ڏني وئي آهي، جڏهن ته مختلف شعبن ۾ سبسڊي لاءِ 650 ارب رُپيا رکڻ جي سفارش ڪئي وئي آهي

وفاقي وزير خورشيد شاهه موجب حڪومت کي ڪپهه، ٻِج ۽ ڪڻڪ جا اگهه وڌائڻ جي تجويز ڏني آهي، اُميد ته تجويزن تي اڄ فيصلا ٿي ويندا

پاڪستان هن وقت اهڙن مسئلن ۾ آهي جو عالمي ادارن اڳيان هٿ ٽنگي بيٺا آهيون، اُميد ته موجوده حڪومت جي قدمن سان زرعي شعبي کي هٿي ملندي