عمرڪوٽ: گورنر ۽ وفاقي وزير کي چانهه پيارڻ هوٽل مالڪ کي ڳچي ۾ پئجي ويو

عمرڪوٽ: هوٽل مالڪ دليپ مُکي کي گورنر سنڌ عمران اسماعيل ۽ وفاقي وزير مراد سعيد کي چانهه پيارڻ مھانگو پئجي ويو

هاءِ وي روڊس کاتي جي انجنيئر نوٽيس کڻي هوٽل مالڪ وٽ پهچي ويو، هي هوٽل هاءِ وي جي حد ۾ آهي ان کي ڊاهي پٽ ڪيو ويندو

جڏهن ته هوٽل مالڪ دليپ مُکي جو چوڻ آهي هوٽل جو پلاٽ منهنجي ذاتي ملڪيت ۽ سروي زمين آهي، چانهه پيارڻ تي مون کي انتقام جو نشانو بڻايو پيو وڃي

ڪنري روڊ تي ڪافي هوٽلون ۽ پيٽرول پمپس ۽ دڪانن ٺهيل آهن پر انهن مان ڪنهن کي به نوٽيس ناهي ڏنو ويو، صرف مون کي نوٽيس ڏنو ويو آهي