پاڪستان گڏيل قومن ۾ سلامتي ڪونسل جي صدارت سنڀالي ورتي

اسلام آباد: پاڪستان گڏيل قومن جي سلامتي ڪونسل جي صدارت جولاءِ 2025 لاءِ سنڀالي ورتي آهي. پرڏيهي وزارت جي ترجمان چيو آهي ته پاڪستان سلامتي ڪونسل ۽ يو اين جي وسيع رڪنيت جي وچ ۾ پل جو ڪردار ادا ڪندو. اسان جي پاليسي يو اين جي منشور، عالمي قانون جي احترام تي قائم رهندي. اسان جي پاليسي مستقل وابستگي تي قائم رهندي پاڪستان سلامتي ڪونسل ۾ غير جانبدار، اصولن تي ٻڌل ۽ متوازن نقطه نظر آڻيندو.

هن چيو ته پاڪستان شفاف، متوازن ۽ مشاورت تي ٻڌل طريقي تي عمل ڪيو آهي، دنيا ۾ امن، سلامتي کي پيش ايندڙ چيلنجز کي چڱي ريت ڄاڻون ٿا، پاڪستان معنيٰ جوڳي ۽ عملي نتيجن تي ٻڌل  مشاورت کي هٿي ڏيندو. عالمي امن، سلامتي جو قيام سڀني کي گڏيل ذميواري آهي.

ترجمان ٻڌايو ته جولاءِ ۾ پاڪستان اعليٰ سطح جا 2 اهم اجلاس منعقد ڪندو. 22 جولاءِ تي عالمي امن، سلامتي کي هٿي ڏيڻ جي موضوع تي مباحثو ٿيندو ۽ 24 جولاءِ تي يو اين ۽ علاقائي تنظيمن جي وچ ۾ تعاون تي ڳالهيون ٿينديون.  ٻئي اجلاس پرڏيهي وزير اسحاق ڊار جي صدارت هيٺ منعقد ٿيندا. 23 جولاءِ تي فلسطين مسئلي تي مباحثي جي صدارت به ڪندو.