عمرڪوٽ: عمرڪوٽ ويجهو ڳوٺ آڏتيو فارم ۾ 6ڏينهن اڳ زيادتي جو نشانو بڻايل 8ورهين جي ڪويتا ڀيل واري ڪيس ۾ اهم اڳڀرائي ٿي آهي، گرفتار ڪيل چئن جوابدارن مان هڪ جوابدار چندو ڀيل ڏوھه جو اعتراف ڪري ورتو آھي
پوليس جوابدار چندو ڀيل کي سول جج جي عدالت ۾ پيش ڪيو، جوابدار چندو ڀيل عدالت آڏو بيان رڪارڊ ڪندي اعتراف ڪيو ته هن هيرآباد مان ڪچو شراب ورتو ۽ واپرائڻ بعد ڪويتا سان زيادتي ڪئي، زيادتي بعد ڪويتا کي مارڻ جي ڪوشش ڪئي هئي پر رڙين تي ڀڄي ويس، عدالت جوابدار چندو ڀيل کي سب جيل حوالي ڪري ڇڏيو.