ڪراچي: ايڊيشنل ڊسٽرڪٽ اينڊ سيشن ڪورٽ ۾ اپوزيشن اڳواڻ حليم عادل شيخ ۽ نجي ٽي وي خلاف صوبائي وزير سعيد غني جي درخواست تي ٻڌڻي ٿي.
عدالت حليم عادل شيخ ۽ ٽي وي جي مالڪن ۽ رپورٽرن جا ضمانت ٿيڻ جوڳا وارنٽ جاري ڪري ڇڏيا. عدالت سمورن جوابدارن کي هڪ هڪ لک رپين جا مچلڪا جمع ڪرائڻ جو حڪم پڻ ڏئي ڇڏيو. عدالت پوليس کي حڪم ڏنو ته ضمانتي مچلڪا جمع نه ڪرائڻ تي جوابدارن کي گرفتار ڪري عدالت ۾ پيش ڪيو وڃي. صوبائي وزير سعيد غني مخالف ڌر اڳواڻ حليم عادل شيخ ۽ نجي ٽي وي خلاف ڏنڊ جا ڪيس داخل ڪري ڇڏيا آهن