ملير: ناظم جوکيو قتل ڪيس: عدالت پاران عبوري چالان پيش ڪرڻ جو حڪم

ملير (ن پ ا) ناظم جوکيو قتل ڪيس ۾ پ پ ايم پي اي ڄام اويس گهرام کانسواءِ پنجن جوابدارن کي ملير جوڊيشل مئجسٽريٽ 2 جي عدالت ۾ پيش ڪيو ويو

پوليس جو چوڻ آهي ته ڄام اويس جا پروڊڪشن آرڊر جاري ٿيڻ تي سنڌ اسيمبلي جي اجلاس ۾ شرڪت ڪندو ان ڪري عدالت ۾ پيش نه ڪيو ويو آهي

ايم پي اي ڄام اويس گهرام جي سندس گارڊن امير علي ۽ حيدر سوڌو عبدالرزاق، معراج ۽ جمال کي عدالت ۾ پيش ڪيو ويو، عدالت 12 ڊسمبر تي عبوري چالان پيش ڪرڻ جو حڪم ڏيندي ٻڌڻي 16 ڊسمبر تائين ملتوي ڪري ڇڏي