ڪورونا جي نئين قسم جي خبر ناهي، تعليمي سرگرميون جاري رکڻ چاهيون ٿا: شفقت محمود

ڪراچي: تعليم واري وفاقي وزير شفقت محمود ڪورونا جي نئين قسم جي خبرن تي چيو آهي ته حڪومت تعليمي سرگرميون جاري رکڻ چاهي ٿي

لاهور ۾ ميڊيا سان ڳالهائيندي شفقت محمود چيو ته مون کي ڪورونا وائرس جي نئين قسم جي تفصيلي خبر ناهي پر تعليمي سرگرميون جاري رکڻ چاهيان ٿو ۽ امتحان وقت تي ۽ مڪمل نصاب سان منعقد ڪيا ويندا

ٻئي طرف تعليم واري وفاقي وزير به پنجاب ۾ سموگ کي نظر ۾ رکندي تعليمي ادارن ۾ موڪلن جي ڳالهه ڪئي هئي ۽ چيو ته تعليمي ادارن ۾ 3 ڏينهن جي موڪلن سان سموگ ۾ گهٽتائي ايندي، موڪلن هميشه سموگ ۾ گهٽتائي آئي آهي

واضح رهي ته ڪورونا جي نئين قسم اومي ڪرون دنيا ۾ تباهي مچائي ڇڏڻ شروع ڪري ڇڏي آهي، ڊيلٽا ويرينٽ کان ٻيڻي رفتار سان پکڙجندڙ هي وائرس ڪيترن ئي ملڪ کي خوف ۾ مبتلا ڪري ڇڏيو آهي ڏکڻ آفريڪا مان اٿندڙ هي وائرس برطانيه، جرمني، بيلجيم، اٽلي ۽ چيڪ ري پبلڪ بعد آسٽريليا پهچي ويو آهي