سينيئر صحافي محمد ضياءُ الدين لاڏاڻو ڪري ويو

ڪراچي(م ڊ) ڪيترن ئي ڏهاڪن کان صحافت سان واڳيل پاڪستان جو ناليوارو صحافي محمد ضياءُ الدين لاڏاڻو ڪري ويو آهي، 1938ع ۾ ڀارتي شهر مدراس (موجوده چنائي) ۾ جنم وٺندڙ محمد ضياءُ الدين 83 سالن جي ڄمار ۾ اسلام آباد ۾ پنهنجي رهائشگاهه تي وفات ڪري ويو

محمد ضياءُ الدين جو خاندان 1952ع ۾ هندستان مان ڍاڪا (اڳوڻي اوڀر پاڪستان) لڏي ويو هو ۽ پوءِ محمد ضياءُ الدين 1960ع ۾ پاڪستان لڏي آيو ۽ هتي مستقل طور رهائش اختيار ڪئي، مرحوم ڊان اخبار ۽ ايڪسپريس ٽربيون جو ايڊيٽر پڻ رهيو