موبائل جي بهتر ڪارڪردگي لاءِ سولا ۽ خاص اصول

نيويارڪ: گهڻي گرمي پد ۾ موبائل استعمال ڪرڻ يا رڳو موبائل رکڻ موبائل جي ڪارڪردگي کي سست ۽ ڊيميج ڪري سگهي ٿو.ان سان گڏ تيز اي سي هلائي ۽ جيڪڏهن موبائل کي ان ماحول ۾ رکي ڇڏي ڏنو وڃي ته ان فون جي ڪارڪردگي تمام سست ٿي ويندي.ان سان گڏ اسان هتي ٻڌائيندا
هلون ته فون جي رفتار کي بهتر ۽ برقرار رکڻ جي لاءِ توهان کي هفتي ۾ گهٽ ۾ گهٽ ٽي ڀيرا پنهنجي موبائل فون کي پاور آف ڪرڻ گهرجي جنهن جا به اثر ۽ نتيجا سُٺا نڪرندا آهن.جيڪڏهن توهان ڪنهن به ايپ جي پراڻي ورجن مان مطمين آهيو ۽ اهو توهان کي مناسب لڳي رهيو آهي ته لازمي ناهي توهان ان جو نئون ورجن اپ ڊيٽ ڪيو، ڇو ته ٿي سگهي ٿو ته توهان جي موبائل ۾ جڳهه ٿوري هجي ۽ نئون ورجن انسٽال ڪرڻ سان گهڻي جڳهه والارجي وڃي ۽ توهان جي موبائل جي رفتار گهٽجي وڃي،
انڪري ڪجهه به اپ ڊيٽ ان وقت ڪيو جنهن وقت توهان کي ضرورت محسوس ٿئي.