مسٽر اي جي سنڌ! جِيم خانوهندن جو آهي ته عمارت کين واپس ڪريو: سپريم ڪورٽ

ڪراچي : سپريم ڪورٽ اي جي سنڌ سان مخاط ٿيندي چيو آھي تھ مسٽر اي جي سنڌ! جِيم خانوهندن جو آهي ته عمارت کين واپس ڪريو، پنهنجا ثقافتي پروگرام ٻئي هنڌ ڪريو، ناپا به ضروري آهي، کين متبادل جاءِ ڏيو

 سپريم ڪورٽ ڪراچي رجسٽري ۾ جيم خانه جي عمارت ناپا کان خالي ڪرائڻ بابت درخواست تي ٻڌڻي دوران جسٽس قاضي امين طرفان ريمارڪس ڏنا ويا، ٻڌڻي دوران چيف جسٽس سيڪريٽري ثقافت کي چيو ته هيل تائين سموريون شيون ٿيڻ گهرجن ٿا، ڇا توهان کي توهين عدالت جو نوٽيس ڏيون؟ سيڪريٽري ثقافت چيو ته مون کي چارج وٺندي 2 ڏينهن ٿيا آهن

 چيف جسٽس چيو ته توهان کي خبر نه هئي ته پوءِ چارج ڇو ورتي؟ اسان سمورا مندر بحال ڪرايا آهن، هندو جيم خانه بحال نه ڪرائڻ جو ڪوبه جواز ناهي، عدالت 29 آڪٽوبر تي تصويرن سوڌو رڪارڊ طلب ڪري ورتو، ڪمشنر ڪراچي کي پيش ٿيڻ جو حڪم ڏنو ويو آھي.

Mr. AJ Sindh! Gymkhana belongs to Hindus