سعودي عرب سدائين مشڪل وقت ۾ پاڪستان سان گڏ رھيو آھي:وزيراعظم

اسلام آباد وزيراعظم عمران خان 3 ارب ڊالر اسٽيٽ بينڪ ۾ رکڻ تي سعودي عرب جي ولي عھد جا ٿورا مڃيا آھن، ٽوئيٽر تي جاري بيان ۾ وزيراعظم عمران خان سعودي عرب طرفان اسٽيٽ بينڪ ۾ 3 ارب ڊالرز رکڻ تي شڪريو ادا ڪيو آھي

وزيراعظم عمران خان جو چوڻ آھي تھ سعودي عرب سدائين مشڪل وقت ۾ پاڪستان سان گڏ رھيو آھي، سعودي عرب اھڙي وقت پاڪستان جو ساٿ ڏنو آھي جڏھن دنيا کي مھانگائي جو منھن ڏسڻو پئجي رھيو آھي.