حڪومت جو ڪالعدم ٽي ايل پي سربراهه سعد رضوي سان جيل ۾ ڳالهين جو فيصلو

لاهور: حڪومت ڪالعدم ٽي ايل پي جي سربراهه سعد رضوي سان جيل ۾ ڳالهين جو فيصلو ڪيو آهي.

وفاقي گهرو وزير شيخ رشيد جي صدارت هيٺ لاهور ۾ اهم اجلاس ٿيو، پنجاب سيف سٽي اٿارٽي آفيس ۾ ٿيل اجلاس ۾ وفاقي ۽ صوبائي وزير پڻ شريڪ ٿيا، جن ۾ نورالحق قادري، علي امين گنڊاپور، راجا بشارت، آءِ جي پنجاب ۽ ٻيا شامل هئا.

ذريعن موجب اجلاس ۾ شيخ رشيد کي ڪالعدم ٽي ايل پي جي مارچ جي حوالي سان بريفنگ ڏني وئي ۽ فيصلو ڪيو ويو ته حڪومتي ٽيم اڄ ڪوٽ لکپت جيل ويندي، ڪميٽي ۾ هڪ وفاقي وزير ۽ هڪ صوبائي وزير شامل هوندو، جيڪي ڪوٽ لکپت جيل ۾ قيد سعد رضوي سان ڳالهيون ڪندا.

واضح رهي ته وزيراعظم عمران خان سعودي عرب روانو ٿي چڪو آهي، جڏهن ته هن شيخ رشيد، نور الحق قادري ۽ راجا بشارت تي ٻڌل حڪومتي ڪميٽي کي ڪالعدم ٽي ايل پي سان ڳالهيون ڪري معاملا حل ڪرڻ جي هدايت ڪئي آهي.

ان کان اڳ پاڪ – ڀارت ميچ ڏسڻ لاءِ دبئي ويل وفاقي گهرو وزير شيخ رشيد وزيراعظم جي هدايتن تي هنگامي طور واپس ڏيهه پهتو.