وفاقي حڪومت فيل ٿي چڪي، مهانگائي عوام جون دانهون ڪڍي ڇڏيون: امتياز شيخ

ڪراچي: صوبائي وزير امتياز شيخ چيو آهي ته مان اڳ ۾ به چيو هو ته سياري ۾ گئس جو وڏو بحران ٿيندو، مطالبو ڪيان ٿو ته گئس جي معاملي کي ڏٺو وڃي، گذريل سال به سياري ۾ وڏو بحران ٿيو هو. ڪراچي ۾ پريس ڪانفرنس ڪندي هن چيو ته گئس نه اچڻ جي ڪري ماڻهو وڏا پريشان ٿيندا، چون ٿا بجلي سستي ڪنداسين، پر بجلي آهي ئي ڪونه ته استعمال ڪيئن ڪنداسين. هن چيو آهي ته تيل، گئس بجلي جي قيمتن ۾ ڏينهون ڏينهن اضافو ٿيندو پيو وڃي، مهانگائي عوام جون دانهون ڪڍي ڇڏيون آهن. صوبائي وزير چيو ته وفاقي حڪومت فيل ٿي چڪي آهي، زرعي ملڪ آهي پوءِ به اسان سموريون شيون درآمد ڪري رهيا آهيون، فيصلا هڪ ڪن ٿا وري منٽس ۾ ٻيا فيصلا شامل ڪيا وڃن ٿا، وفاقي وزير ايترو ڪوڙ هڻن ٿا هنن کي شرم اچڻ گهرجي، پر اهو به کين نٿو اچي. هن چيو ته گئس پيدا ڪندڙ صوبي کي گئس کان محروم رکيو ويو آهي سنڌ سان خصوصي دشمني ڪئي پئي وڃي، ماڻهن کي بيروزگار ڪيو وڃي ٿو، سپر ھيرو جي جنازي جي نماز ۾ به نه ويا، سنڌ جي وڏي وزير شرڪت ڪئي. هن چيو ته برطانوي ڪم بلاڪ 6 ۾ ڪم ڪرڻ چاهي ٿي پر وفاقي حڪومت انهن کي ڪم ڪرڻ نه ٿي ڏيئي، سستي بجلي پيدا ڪرڻ لاءِ اها ڪمپني ڪم ڪرڻ چاهي پئي، قومي اسيمبلي، سينيٽ ۽ سي سي آئي جهڙن فورمن تي گئس معاملي سميت ٻين معاملن کي کڻي ويا آهيون، جهڙي قسم جا فيصلا اچي رهيا آهن سنڌ جا ماڻهو غير محفوظ ٿي ويا آهن.