ڇاڇرو ۾ ڊينگي جا وار، وڌيڪ 4 ڪيس ظاهر، انگ 13 ٿي ويو

ڇاڇرو: ڇاڇرو ۾ تازو برساتن کانپوءِ ڊينگي وائرس تيزي سان وڌڻ لڳو آهي.

ڳوٺ وائوڙي دورا ۾ ڊينگي وائرس جا وڌيڪ 3 ڪيس ۽ هڪ ڪيس ڳوٺ ڪاگيا ۾ ظاهر ٿيو، جنهن بعد هڪ هفتي ۾ ڊينگي وائرس ۾ مبتلا مريضن جو انگ وڌي 13 ٿي ويو.

ڊينگي متاثر مريض عرفان پٽ روشن نهڙي کي حيدرآباد اسپتال داخل ڪيو ويو.

ڳوٺ وائوڙي واسي دلاور پٽ رازق ۽ احسان پٽ رزاق ۽ ڳوٺ ڪاگيا جو ايسرو مل ميگهواڙ ڇاڇرو اسپتال ۾ علاج هيٺ آهن.

ٿر ۾ ڊينگي وائرس جا ڪيس وڌڻ سبب خوف پکڙيل آهي، جڏهن ته صحت کاتي مڇر مار اسپري ڪرائڻ سميت بچاءُ لاءِ ڪي به اپاءُ نه ورتا.

4 more cases appearDengue cases in Chachro