ڪراچي : مهتاب اڪبر راشدي فنڪشنل ليگ کان ڌار ٿي وئي، ٽائيم نيوز سان ڳالهه ٻولهه دوران پ پ ۾ شامل ٿيڻ جي تصديق ڪري ڇڏي آھي.
مھتاب اڪبر راشدي جو چوڻ آھي تھ رڳو آئون نه، سڄو خاندان پ پ ۾ شامل ٿي رهيو آهي، پير پاڳاري کي آگاهه ڪيو اٿئون،
اڄ شام فريال ٽالپر اسان جي گهر اچي رهي آهي، ملاقات بعد باضابطا اعلان ڪنداسين.
ف ليگ اڳواڻ مهتاب اڪبر راشدي طرفان ڊگهي عرصي کانپوءِ ف ليگ کان ڌار ٿي پ پ ۾ شامل ٿيڻ جا امڪان ظاھر ڪيو ويو ھو جڏھن تھ ھاڻ مھتاب اڪبر راشدي پاڻ تصديق ڪري ڇڏي آھي.
- TA