يو اي اي پاڪستاني ايئرپورٽس تي ليبارٽرين جي معيار تي ڳڻتي جو اظهار ڪري ڇڏيو

اسلام آباد؛ وفاقي صحت واري وزارت فيصلو ڪيو آهي ته فوري طور تي ملڪ جي سمورن بين الاقوامي هوائي اڏن تي ليبارٽرين جو معائنو ڪيو ويندو. وفاقي عملدارن جو چوڻ آهي ته ايئر پورٽ تي اڪثر ليبارٽريون غير تربيت يافته آهن. ياد رھي تھ نيشنل ڪمانڊ اينڊ آپريشن سينٽر (اين سي او سي) جي موجب پاڪستان مان 75،000 مسافر گذريل مهيني يو اي اي ويا هئا ، جن مان 684 ڪورونا وائرس ۾ مبتلا ھئا. پاڪستان مان آيل ماڻھو ڪورونا وائرس جو شڪار سان متاثر ٿيڻ تي گڏيل عرب امارات (يو اي اي) پاڪستان ۾ ليبارٽرين جي معيار تي شديد خدشن جو اظهار ڪيو ھو .