”ٽي بيگ“ چانهه پيئڻ کان اڳ ٿورو سوچو!

پاڪستان ۾ چانهه جي مقبوليت کان انڪار نٿو ڪري سگهجي ۽ اهو گرم مشروب دنيا جي ڪيترن ئي حصن ۾ پسند ڪيو ويندو آهي.
مختلف تحقيقي رپورٽن موجب چانهه پيئڻ جا ڪيترائي فائدا آهن جن ۾ وقت کان اڳ دماغي ڪمزوري کان تحفظ، مخصوص قسمن جي ڪينسر کان بچاءُ، فالج، دل جا مرض ۽ ذيابطيس جي خطرن ۾ گهٽتائي وغيره شامل آهن.
اها به خبر پئي آهي ته کنڊ جي بنا چانهه اينٽي آڪسائيڊنٽس سان ڀريل هوندي آهي جيڪا مختلف مرضن کي روڪڻ ۽ جسماني سيلن جي مرمت ۾ مدد ڪندي آهي.
اهو چوڻ جي ضرورت ناهي ته پاڪستان ۾ چانهه پيئڻ کي ڪيترو پسند ڪيو ويندو آهي ۽ ڪيترائي ماڻهو خاص ڪري آفيسن ۾ چانهه ٺاهڻ لاءِ ”ٽي بيگز“ استعمال ڪندا آهن جيڪي پتي ۽ پيپر جا ٺهيل هوندا آهن.
جرمن سائنسدانن چيو آهي ته ”ٽي بيگز“ ۾ اهڙيون جزا شامل آهن جن جو استعمال انساني صحت جي لاءِ نقصانڪار ٿي سگهي ٿو.
ماهرن چيو آهي ته جنهن ڪاغذ سان ٽي بيگز ٺاهيون وينديون آهن انهن ۾ انساني صحت جي لاءِ هاڃيڪار مادا هوندا آهن ۽ ڪڏهن ڪڏهن ته اهي ڪينسر جو به سبب بڻجي سگهن ٿا.
تحقيقي رپورٽ موجب جرمن سائنسدانن چيو ته ريسرچ جي لاءِ ڇهه ڪمپنين جي ”ٽي بيگز“ کي مختلف طريقن سان جاچيو ويو جن ۾ ٽي مهانگي ۽ ٽي ڪمپنيون سستي ٽي بيگز واريون هيون.
تحقيق ۾ اها ڳالهه سامهون آئي ته انهن ۾ گهٽ ۾ گهٽ چار اهڙيون شيون شامل آهن جيڪي جيت مار دوائن ۾ شامل ٿينديون آهن.
ماهرن ٻڌايو ته ”ايپي ڪلورو هائيڊين“ نالي هڪ مادو ان ڪاغذ ۾ شامل هوندو آهي جيڪو ٽي بيگ لاءِ استعمال ٿيندو آهي ۽ اهو ئي انکي صحت جي لاءِ نقصانڪار بڻائيندو آهي.
سائنسدانن موجب ٽي بيگز کي ٿيلين ۾ويڙهڻ ۽ انهن کي اٻريل پاڻي ۾ وجهڻ سان اهو نقصانڪار مادو پاڻي ۾ ملي ويندو آهي جيڪو ڪينسر جو سبب بڻجي سگهي ٿو.
ماهرن چيو ته پتي کي سڌي ريت استعمال ڪرڻ پيڪيٽ جي مقابلي ۾ گهڻو بهتر آهي.