سوڊان ۾ برسات ۽ ٻوڏ تباهي مچائي ڇڏي، چوراسي ماڻهو اجل جو شڪار، هزارين گهر مٽيءَ جو ڍير بڻجي ويا

سوڊان ۾ تيز برسات ۽ ٻوڏ سبب مختلف حادثن ۾ 84 ڄڻا اجل جو شڪار ۽ ڪيترائي زخمي ٿي پيا. ملڪ جي 11 رياستن ۾ برساتن تباهي مچائي ڇڏي آهي.ساڍا 8 هزار گهر مٽيءَ جو ڍير بڻجي ويا جڏهن ته 27 هزار کان وڌيڪ کي نقصان پهتو آهي. ان حوالي سان سوڊاني اختيارين چيو آهي ته ملڪ ۾ برساتن جو موسم شروع ٿيندي ئي هينئر تائين مختلف حادثن ۾ 84 ڄڻا اجل جو شڪار ٿي چڪا آهن.اهي فوتگيون برساتي پاڻي ۾ ٻڏڻ، ڪرنٽ لڳڻ ۽ گهر پٽ پوڻ سبب ٿيون آهن. گڏيل قومن جي رپورٽ موجب جولاءِ کان ٿيندڙ برساتن سبب هينئر تائين لکين ماڻهو متاثر ٿي چڪا آهن