بدقسمتي سان پاڪستان ۾ بجلي تمام گهڻي مهانگي آهي، چاهيون ٿا ته توانائي جا منصوبا جلد مڪمل ٿين:وزيراعظم

ڪراچي: وزيراعظم عمران خان چيو آھي تھ بدقسمتي سان پاڪستان ۾ بجلي تمام گهڻي مهانگي آهي، چاهيون ٿا ته توانائي جا منصوبا جلد مڪمل ٿين، وزير اعظم عمران خان تاجڪستان ۾ تقريب کي خطاب دوران اعتراف ڪيو. عمران خان تاجڪ سيڙپڪارن کي پاڪستان ۾ سيڙپڪاري جي آڇ ڪندي چيو ته حڪومت سيڙپڪاري لاءِ بهترين موقعا پيدا ڪيا آهن، افغان مامري تي ڳالهائيندي وزير اعظم چيو ته افغانستان ۾ امن خطي لاءِ ضروري آهي، پاڪستان مثبت ڪردار ادا ڪندو رهندو. پرڏيهي کاتي موجب وزير اعظم ٻن ڏينهن جَي دوري دوران شهنگائي سهڪار تنظيم جِي اجلاس ۾ شرڪت ڪندو، تاجڪ صدر سميت مختلف ملڪن جَي سربراهن سان ملاقاتون به رٿيل، پاڪستان جو اعليٰ سطحي وفد به عمران خان سان گڏ آهي.