عائزا ۽ دانش جي نيها ڪڪڙ سان ملاقات، تصوير وائرل

ناليواري پاڪستاني اداڪارا عائزا خان جي ڀارتي گلوڪارا نيها ڪڪڙ سان گڏ جي تصوير سوشل ميڊيا تي وائرل ٿي رهي آهي.عائزا خان ۽ سندس مڙس اداڪار دانش تيمور اهڙي تصوير انسٽاگرام تي شيئر ڪئي آهي جنهن ۾ عائزا خان ۽ دانش ڀارتي گلوڪارا نيها ڪڪڙ ۽ گلوڪار روهن پريت سنگهه سان گڏ بيٺل ڏسي سگهجن ٿيون.ميڊيا رپورٽن موجب انهن جي ملاقات دبئي ۾ ٿي آهي تنهن هوندي به عائزا ۽ دانش طرفان اهڙي تصديق ناهي ڪئي وئي.عائزا خان تصوير تي دل وارو ايموجي ٺاهيو آهي جڏهن ته گلوڪارا نيها ڪڪڙ به پوسٽ تي پنهنجو تبصرو ڪندي چيو عائزا ۽ دانش لاءِ نيڪ خواهشن جو اظهار ڪيو ۽ ٻنهي جي تعريف ڪئي.ان تصوير کي هن وقت تائين ڪيترا واهپيدار ڏسي چڪا آهن جڏهن ته دلچسپ تبصرن جو سلسلو به هلندڙ آهي.