گئس جي بلز ۾ خراب ميٽر جي بهاني سان واهپيدارن جا ڪروڙين رُپيا لُٽڻ جو انڪشاف

ڪراچي :  گئس جي بلز ۾ خراب ميٽر جي بهاني سان واهپيدارن جا ڪروڙين رُپيا لُٽڻ جو انڪشاف، ايس ايس جي سي گئس جي بلز ۾ پي يو بي چارجز وٺڻ جو اعتراف ڪري ورتو، ڪراچي جي عدالت ۾ پي يو بي چارجز جي اوڳاڙي خلاف شهري جي درخواست تي جواب جمع، شهري جو چوڻ آهي ته ميٽر خراب هجڻ جي صورت ۾ پي يو بي چارجز لڳايون وينديون آهن، پر ايس ايس جي سي وارا صحيح ميٽر تي به پي يو بي چارجز اوڳاڙي رهيا آهن، ايس ايس جي سي پنهنجي جواب ۾ چيو آهي ته گئس جي بلز ۾ پي يو بي چارجز لڳايون ويون هيون، بعد ۾ ختم ڪري ڇڏيون، عدالت طرفان ايس ايس جي سي جي موقف تي درخواستگذار کان جواب طلب ڪيو ويو آھي.