ڪراچي جي وڏي حصي ۾ بجلي بند، مختلف علائقن ۾ برسات

ڪراچي: ڪراچي جي مختلف علائقن ۾ هلڪي برسات کانپوءِ ڪيتئرن ئي علائقن جي بجلي بند ٿي وئي. اختر ڪالوني، قيوم آباد، ڪورنگي، ڊفينس، ڪلفٽن، نارٿ ناظم آباد، گلشن اقبال، گلستان جوهر، صدر، نيو ڪراچي ۽ ٻين علائقن ۾ برسات پوڻ سان شهر ۾ گرمي جو زور ٽٽي ويو. شهر ۾ هلڪي برسات پوندي ئي ڪي اليڪٽرڪ جا 19 سئو کان 14 سئو فيڊرز ٽرپ ڪري ويا، جنهن جي نتيجي ۾ اڌ شهر جي بجلي بند ٿي وئي. حسن اسڪوائر، ، ملير، ڪينٽ، سعدي ٽائون، قيوم آباد، ڪورنگي، ڊفينس، ڪلفٽن، نارٿ ناظم آباد، گلشن اقبال، گلستان جوهر، صدر، نيو ڪراچي ۽ ٻين علائقن ۾ بھ بجلي بند ٿي وئي. ڪي اليڪٽرڪ جو چوڻ آهي ته ڄامشورو هاءِ ٽينشن لائن ٽرپ ٿيڻ سان سسٽم ويهجي ويو، بجلي جي بحالي جو ڪم جاري آهي.