ڪراچي سي ويو تي ڦاٿل جهاز کي ڪڍڻ لاءِ جاري آپريشن ناڪام

ڪراچي: سي ويو تي ڦاٿل بحري جهاز هينگ ٽونگ 77 کي ڪڍڻ لاءِ آپريشن ناڪام ٿي ويو. ڪراچي سمنڊ ڪناري تي ڪنٽينرن وارو بحري جهاز 21 جولاءِ تي واريءَ ۾ ڦاسي پيو هو، جنهن کي ڪڍڻ لاءِ جتن ڪيا ويا. جهاز کي واريءَ مان ڪڍڻ لاءِ 9 آگسٽ تي آپريشن شروع ڪيو ويو جنھن جي ڪاميابي جو چيوويو پر ھن وقت تائين جھاز کي ڪڍڻ لاءِ ڪيل آپريشن ناڪام ٿي ويو آھي.