پاڪستان طرفان افغانستان ۾ طالبان جِي حڪومت تسليم ڪرڻ بابت دوست ملڪن سان رابطا تيز

اسلام آباد؛ پاڪستان افغانستان ۾ طالبان جِي حڪومت تسليم ڪرڻ بابت دوست ملڪن سان رابطا تيز ڪري ڇڏيا، پرڏيهي وزير شاهه محمود قريشي جو چيني هم منصب سان فون تي رابطو، افغانستان صورتحال تي تفصيلي ڳالهه ٻولهه ڪئي وئي، شاهه محمود قريشي چيو آهي ته پرامن ۽ مستحڪم افغانستان پاڪستان ۽ خطي لاءِ انتهائي اهميت رکي ٿو، پاڪستان ۽ چين امن ڪوششن لاءِ ڪردار ادا ڪيو، عالمي برادري افغان عوام جي حمايت جاري رکي.