حامد ڪرزئي ۽ عبدالله عبدالله جو ملڪ نه ڇڏڻ جو اعلان

ڪابل: افغانستان جي اڳوڻي صدر حامد ڪرزئي ۽ اڳوڻي چيف ايگزيڪيوٽو عبدالله عبدالله ملڪ نه ڇڏڻ جو اعلان ڪري ڇڏيو. حامد ڪرزئي ۽ عبدالله عبدالله سماجي رابطن جي ويب سائيٽ فيس بُڪ تي هڪ گڏيل ويڊيو بيان جاري ڪيو، جنهن ۾ ٻنهي افغانستان نه ڇڏڻ جو اعلان ڪيو.حامد ڪرزئي چيو ته افغانستان ۾ گلبدين حڪمت يار جي سهڪار سان ڳالهيون جاري رکنداسين ۽ ملڪ ۾ امن لاءِ پنهنجو ڪردار نڀائينداسين، اسان جون ڪوششون ضرور رنگ لائينديون. واضح رهي ته ڪابل تي طالبان جي قبضي کانپوءِ اشرف غني ملڪ مان فرار ٿي چڪو آهي.