مواڇ ڳوٺ واقعو: الله تعاليٰ دهشتگردن کي دوزخ نصيب ڪندو: وڏو وزير مراد علي شاهه

سجاول: سنڌ جي وڏي وزير مراد علي شاهه چيو آهي ته محرم الحرام ۽ افغانستان صورتحال بابت ٿريٽس موجود آهن. ان صورتحال ۾ اسان سيڪيورٽي جا انتظام سخت ڪيا آهن. هن چيو ته مواڇ ڳوٺ ۾ بزدلاڻو واقعو ٿيو جنهن ۾ معصوم ٻار ۽ عورتون شهيد ٿيون، اڃان تائين واقعي جي ڪنهن به ذميواري نه کنئي آهي. الله تعاليٰ انهن دهشتگردن کي دوزخ نصيب ڪندو.