سرڪاري ڪڻڪ ۾ گھوٻيون: پ پ اڳواڻ نثار کھڙو جي ضمانت ۾ واڌ

ڪراچي : سرڪاري ڪڻڪ ۾ گهوٻين واري اسڪينڊل ۾ پ پ اڳواڻ نثار کهڙو جي ضمانت ۾ 28 سيپٽمبر تائين واڌ، سنڌ هاءِ ڪورٽ ۾ نيب انڪوائري جي معاملي بابت داخل ٻن درخواستن تي ٻڌڻي دوران نثار کهڙو پيش، نيب پراسيڪيوٽر عدالت کي آگاهي ڏيندي چيو آهي ته نثار کهڙو خلاف سرڪاري ڪڻڪ ۾ گهوٻين واري ڪيس ۾ جاچ جاري آهي، 4 هفتن ۾ اڳڀرائي رپورٽ پيش ڪئي ويندي، حتمي رپورٽ لاءِ مهلت ڏني وڃي، نثار کهڙو جو چوڻ هو ته ڪڻڪ ۾ گهوٻين بابت جاچ سياسي انتقام آهي، وفاقي سرڪار انتقام تحت سندس نالو اي سي ايل ۾ شامل ڪيو آهي، عدالت کي اي سي ايل مان نالو ڪڍڻ لاءِ حڪم ڏيڻ جي استدعا ڪئي وئي آھي.