ظالمن گلابي جوڙي جو به لحاظ نه ڪيو: ن ليگ جي عظميٰ بخاري جو فردوس عاشق بابت ردعمل

لاهور: پنجاب حڪومت جي اڳوڻي خاص معاون فردوس عاشق اعواڻ جي پنجاب اسيمبلي ۾ داخلا کان روڪڻ واري واقعي تي رد عمل ظاهر ڪندي چيو آهي ته ”هاءِ هاءِ هي ڇا ٿي ويو؟؟ عهدو کسجڻ بعد گهر وارن ۽ ٻاهر وارن به اکيون ڦيري ڇڏيون“ ٽويٽر پيغام ۾ عظميٰ بخاري چيو ته سچ ۾ مونکي افسوس ٿيو، ظالمن ايتري تياري ۽ گلابي وڳي جو به لحاظ نه ڪيو. مشورو ڏيو ته ڪيئن احتجاج ڪيان، باجيءَ جي گهر وڃڻ ته ٺهي ٿو.