هڪ شخص توهين عدالت ڪئي، سزا پوري پارٽي کي ڏني پئي وڃي!: سعيد غني

ڪراچي: اطلاعات کاتي جي صوبائي وزير سعيد غني چيو آهي ته ايف آئي اي پاران مون سميت ڪيترن ئي وزيرن ۽ اڳواڻن کي نوٽيس جاري ڪرڻ جو اطلاع مليو آهي، نفيسا شاهه ۽ مون کي واٽس ايپ تي هڪ ميسيج موڪليو ويو آهي ته توهان حاضر ٿيو. هن چيو ته پ پ ڪراچي جي ڪارڪن مسعود الرحمان عباسي چيف جسٽس خلاف تقرير ڪئي جيڪا غلط هئي ان ڪري مون ڪراچي ڊويزن جي صدر طور کيس شوڪاز نوٽيس جاري ڪيو،