ملڪ ۾ مهانگائيءَ جو سلسلو به بيهجي سگهيو، 17 شين جي اگهن ۾ واڌ

اسلام آباد : ملڪ ۾ هڪ هفتي دوران مهانگائي اڃا وڌي وئي ۽ 17 عام واهپي جي شين جا اگهه وڌيا آهن.
ڳڻپ واري اداري جي جاري ڪيل انگن اکرن موجب هڪ هفتي دوران ٿوم 9 رپيا 40 پئسا مهانگي ٿي، مهري جي دال هڪ رپيا في ڪلو وڌي.
رپورٽ موجب ٽماٽو 12 رپيا 89 پئسا في ڪلو سستو ٿيو ۽ ڪڪڙ جي گوشت ۾ 5 رپيا 91 پئسا في ڪلو لاٿ ٿي، جڏهن ته بيضا 5 رپيا 77 پئسا في درجن سستا ٿيا.
رپورٽ ۾ ٻڌايو ويو آهي ته ايل پي جي جو گهريلو سئلينڊر 72 رپيا 28 پئسا في ڪلو مهانگو ٿيو، هفتي دوران مجموعي طور مهانگائي 0.12 سيڪڙو وڌي.