ڪراچي : ڪمشنر ڪراچي شهر ۾ کنڊ جي نئين قيمت مقرر ڪري ڇڏي آهي.ڪمشنر ڪراچي هڪ نوٽيفڪيشن جاري ڪيو آهي جنهن ۾ شهر ۾ کنڊ جي ٿوڪ قيمت 170 رپيا ۽ پرچون قيمت 173 رپيا في ڪلو مقرر ڪئي وئي آهي.ڪمشنر ڪراچي چيو ته ٿوڪ وڪرو ڪندڙ، پرچون فروش ۽ ڊپارٽمينٽل اسٽور هن نوٽيفڪيشن تي سختي سان عمل ڪن.هن چيو ته وڌيڪ قيمت تي کنڊ وڪرو ڪندڙن خلاف قانوني ڪارروائي ڪئي ويندي.