سموري ملڪ جي بجلي صارفين لاءِ سٺي خبر: 53 ارب کان وڌيڪ جو رليف ملڻ جو امڪان

اسلام آباد: سموري ملڪ جي صارفين لاءِ بجلي جي قيمت ۾ هڪ روپيو 75 پئسا في يونٽ گهٽتائي جو امڪان آهي. بجلي جي ورهاست ڪندڙ ڪمپنين گذريل مالي سال جي آخري ٽه ماهي ايڊجسٽمينٽ جي مد ۾ رليف ڏيڻ جي لاءِ نيپرا ۾ درخواست داخل ڪري ڇڏي آهي.

نيشنل اليڪٽرڪ پاور ريگوليٽري اٿارٽي(نيپرا) ۾ داخل ڪيل درخواست ۾ چيو ويو آهي ته ڪيپيسٽي پيمنٽس جي مد ۾ 53 ارب 71 ڪروڙ روپين جو فائدو ٿيندو. يوز آف سسٽم چاجز جي مد ۾ 66 ڪروڙ 20 لک جو بار پوندو. جڏهن ته آپريشنز اينڊ مينٽيننس جي مد ۾ 18 ڪروڙ 20 لک ادا ڪرڻا پوندا.

درخواست ۾ وڌيڪ چيو ويو آهي ته گڏيل طور تي سموري ملڪ جي صارفين کي 53 ارب  39 ڪروڙ روپين جو رليف ملندو. نيپرا بجلي جي ورهاست ڪندڙ ڪمپنين جي درخواستن تي ٻڌڻي 4 آگسٽ تي ڪندو، نيپرا طرفان ڪيل فيصلو ڪراچي سميت سموري ملڪ جي صارفين تي لاڳو ٿيندو.