ايون فيلڊ ريفرنس: مريم نواز ۽ ڪيپٽن(ر) صفدر جون اپيلون ٻڌڻي لاءِ مقرر

لاهور: (ڇنڇر 07 آگسٽ 2021ع) ايون فيلڊ ريفرنس ۾ مريم نواز ۽ ڪيپٽن(ر) صفدر جون اپيلون ٻڌڻي جي لاءِ مقرر ڪيون ويون آهن.

رپورٽ موجب ايون فيلڊ ريفرنس ۾ مريم نواز ۽ ڪيپٽن(ر) صفدر جون اپيلون پهرين سيپٽمبر کان ٻڌڻي جي لاءِ مقرر ڪيون ويون آهن.

جسٽس عامر فاروق ۽ جسٽس محسن اختر ڪياني اپيلن تي ٻڌڻي ڪندا. مريم نواز ۽ ڪيپٽن(ر) صفدر احتساب عدالت مان سزا جي خلاف اپيلون داخل ڪيون هيون. گذريل ٻڌڻي تي بينچ جي غير موجودگي سبب ٻڌڻي نه ٿي سگهي هئي