سي اين جي اگھه ۾ هڪ ڀيرو ٻيهر واڌ

ڪراچي : سي اين جي جي اگھن ۾ هڪ ڀيرو وري واڌ ڪئي وئي آهي.
صدر آل پاڪستان سي اين جي ايسوسيئيشن غياث پراچه موجب پنجاب ۾ في ڪلو 5 رپيا ۽ سنڌ ۾ 8 رپيا في ڪلو واڌ ڪئي وئي آهي جنهن کان پوءِ پنجاب ۾ سي اين جي 112 رپيا ليٽر جڏهن ته سنڌ ۾ 148 رپيا ڪلو ٿي وئي آهي.
غياث پراچه انٽرنيشنل مارڪيٽ ۾ ايل اين جي جي قيمت ۾ واڌ ۽ رپئي جي بي قدري قيمت کي واڌ جو سبب قرار ڏنو.
واضح رهي ته گذريل مهيني به سنڌ ۾ سي اين جي جي اگھن ۾ 17 رپيا واڌ ڪئي وئي هئي جنهن کان پوءِ سي اين جي جي قيمت 140 رپين تائين پهتي هئي.