سنڌ هاءِ ڪورٽ جا 3 ايڊيشنل جج ڪنفرم، سڀاڻي حلف کڻندا

ڪراچي: سنڌ هاءِ ڪورٽ جي 3 ايڊيشنل ججن جسٽس راشده اسد، جسٽس عبدالمبين لاکو ۽ جسٽس ذوالفقار علي سانگي کي ڪنفرم ڪيو ويو، اڄ سنڌ هاءِ ڪورٽ جو چيف جسٽس جسٽس احمد علي شيخ ڄاڻايل ججن کان حلف وٺندو. ان ڏس ۾ سنڌ هاءِ ڪورٽ جي رجسٽرار پاران پڌرائي جاري ڪئي وئي آهي جنهن ۾ ڄاڻايو ويو آهي ته ٽن ايڊيشنل ججن جسٽس راشده اسد، جسٽس عبدالمبين لاکو ۽ جسٽس ذوالفقار علي سانگي کي ڪنفرم ڪيو ويو آهي ۽ انهن کي حلف برادري تقريب صبح جو 11 وڳي ٿيندي. سنڌ هاءِ ڪورٽ جو چيف جسٽس ڄاڻايل ججن کان حلف وٺندو.