يوٽيوب لائيو اسٽريم شاپنگ جي آزمائش شروع ڪري ڇڏي

سانفرانسسڪو: يوٽيوب اعلان ڪيو آهي ته هن سال ڪجهه وڌيڪ سهولتون فراهم ڪيون وينديون ۽ هاڻي ان ڏس ۾ يوٽيوب پاران لائيو اسٽريمنگ شاپنگ جو آپشن پيش ڪيو ويو آهي جنهن کي مخصوص واهپيدار ئي استعمال ڪري سگهن ٿا.
ان جو مقصد ڪامرس ۽ رقم ڪمائڻ جي سهولتن کي اجاڳر ڪرڻ آهي، يوٽيوب سال جي شروعات ۾ ئي اعلان ڪيو هو ته اهي پنهنجي پليٽ فارم تي آن لائن خريداري جا آپشن آڻيندا، في الحال سنجيده ۽ مشهور برانڊ وارن کي ئي آزمائشي آپشن ڏنو ويو آهي، جنهن جو مقصد يوٽيوب تان فوري طور تي معياري شيون خريد ڪرڻ آهي.