خلا مان زمين تائين تيز ترين ڊيٽا منتقلي جو ڪامياب تجربو

ڪراچي: تصور ڪريو ته شنگھائي کان لاس اينجلس تائين هڪ ايڇ ڊي فلم کي ٽن پئسفڪ سمنڊ جي ويڪر جيترو فاصلو طئي ڪري، رڳو پنج سيڪنڊن کان به گهٽ وقت ۾ موڪليو وڃي ۽ اهو به رڳو هڪ رات جي بتي جيتري روشنيءَ سان ته ڪيڏو نه عجيب لڳندو. چيني سائنسدانن اهو ممڪن ڪري ڏيکاريو آهي. بظاهر اهو خيال ڪو افسانو لڳي سگهي ٿو، ڇاڪاڻ⁠ته Starlink، جيڪا رڳو سوين ڪلوميٽرن جي اوچائيءَ تي زمين جي مدار ۾ ڪم ڪري رهي آهي، صرف ڪجهه Mbps جي رفتار تائين پهچي ٿي. پر هاڻ چين جي سائنسدانن جي هڪ ٽيم، هڪ ڳجهي سيٽلائيٽ مان، جيڪا زمين کان 60 ڀيرا وڌيڪ اوچائيءَ واري اسٽيشنري مدار ۾ بيٺل آهي، رڳو 2 واٽ جي ليزر سان ميڻ بتي جيتري ڌيمي روشني استعمال ڪندي، تڪڙن ۽ هلچل وارن آسمانن مان ڊيٽا کي زمين تي موڪليو آهي، ۽ اهو به 1Gbps جي رفتار سان، جيڪا Starlink کان پنج ڀيرا تيز آهي. سيٽلائيٽ ڊائون لنڪس تيز ته هونديون آهن، پر انهن لاءِ وڏو دشمن خلائي هلچل آهي (Atmospheric Turbulence). جڏهن روشنيءَ جو هي سگنل زمين تي پهچندو آهي ته اها هلچل کيس سوين ميٽرن تي پکڙيل تمام ڪمزور ۽ ڌنڌلو بڻائي ڇڏيندي آهي. دنيا جي مختلف ملڪن جي محققن اڳ ۾ به ڪيترائي ڀيرا ڪوششون ڪيون آهن، جن ۾ ايڊاپٽو آپٽڪس (جيڪو روشني جي وڪوڙيل سگنلن کي درست ڪري ٿو) ۽ موڊ ڊائيوورسٽي ريسيپشن (جيڪو پکڙيل سگنلن کي سڃاڻي ٿو) شامل آهن، پر اهي ٻئي طريقا، ڌار ڌار طور، شديد فضائي هلچل ۾ ڪامياب نه ٿي سگهيا. چيني ٽيم جو اهو نئون سنگ ميل، سيٽلائيٽ ڪميونيڪيشن جي دنيا ۾ هڪ نئون دَر کولڻ جي سگهه رکي ٿو، جيڪو شايد مستقبل جي عالمي انٽرنيٽ جو بنياد بڻجي سگهي ٿو.