افغان امن جي بحالي لاءِ آمريڪا پاڪستان سميت چار ملڪي اتحاد جوڙيو ويو

اسلام آباد: افغانستان ۾ داءَ تي لڳل امن واري عمل کي اڳتي وڌائڻ ۾ سهڪار لاءِ آمريڪا، پاڪستان، ازبڪستان ۽ افغانستان تي ٻڌل چار ملڪي نئون سفارتي اتحاد جوڙيو ويو آهي.
پرڏيهي آفيس جي ترجمان حفيظ چوڌري طرفان جاري ڪيل بيان ۾ چيو ويو آهي ته افغانستان جي امن ۽ 15 جولاءِ 2021 کانپوءِ واري معاملن ۾ علائقائي سهڪار لاءِ آمريڪا، ازبڪستان، افغانستان ۽ پاڪستان تي ٻڌل اتحاد جوڙيو ويو آهي.
هن چيو ته آمريڪا، ازبڪستان، افغانستان ۽ پاڪستان نمائندن اصولي طور تي اتفاق ڪيو آهي ته نئون چار رڪني سفارتي پليٽ فارم جوڙيو وڃي جيڪو علائقائي رابطن ۾ واڌ تي ڌيان ڏئي.
سندس چوڻ هو ته هو سمجهن ٿا ته افغانستان ۾ وڏي عرصي کانپوءِ امن ۽ استحڪام علائقائي رابطن لاءِ انتهائي اهم آهي. اتحاد ۾ شرڪت ڪندڙ گڏيل رضامندي سان اتحاد جو طريقو طئي ڪرڻ لاءِ ايندڙ مهينن ۾ ملاقاتون ڪرڻ تي به اتفاق ڪيو.
ٻئي پاسي خيبر ايجنسي رائيٽرز موجب آمريڪا جي اسٽيٽ ڊپارٽمينٽ طرفان به اهڙي حوالي سان بيان جاري ڪيو ويو آهي.