آمريڪي جيلن ۾ ڪورونا سبب 2700 کان وڌيڪ فوتگين جو انڪشاف

ڪابل: آمريڪي جيلن ۾ عالمي وبا ڪورونا سبب 2700 کان وڌيڪ ڄڻن جي فوت ٿيڻ جو انڪشاف ٿيو آهي.
آمريڪي اخبار جي هڪ رپورٽ ۾ دعويٰ ڪئي وئي آهي ته آمريڪي جيلن ۾ عالمي وبا ڪورونا سبب 2700 کان وڌيڪ فوتگيون ٿيون آهن.
رپورٽ ۾ دعويٰ ڪئي وئي آهي ته حقيقت ۾ آمريڪي جيلن ۾ ڪورونا سبب فوتگين جو انگ وڏو آهي، ڪيترن ئي قيدين جي ڪورونا سبب فوتگين کي جيل جي قيدي طور تي شمار ناهي ڪيو ويو.