سنڌ جي امتحاني مرڪزن تي قلم 144 لاڳو، موبائل فون تي به پابندي

ڪراچي: سنڌ ۾ بورڊ جي هلندڙ امتحانن ۾ ڪاپي جي وڌندڙ ڪيسن بعد گهرو کاتو متحرڪ ٿي ويو آهي. سنڌ جي گهرو کاتي امتحاني سينٽرن ۽ بورڊ جي آفيسن ۾ قلم 144 لاڳو ڪري ڇڏيو آهي، نوٽيفڪيشن موجب اڻ لاڳاپيل ماڻهن کي امتحاني مرڪزن ۾ داخل ٿيڻ جي اجازت ناهي، امتحاني مرڪزن ۾ موبائل فون کڻي وڃڻ تي به پابندي هوندي، جڏهن ته امتحاني سينٽرن ويجهو فوٽو اسٽيٽ دڪان پڻ کولڻ منع آهي.