ايم ڪيو ايم ٻيهر آدمشماري ڪرائڻ جو مطالبو ڪري ڇڏيو

ڪراچي:ايم ڪيو ايم ٻيهر آدمشماري ڪرائڻ جو مطالبو ڪري ڇڏيو، ذريعن موجب وزيراعظم عمران خان ايم ڪيو ايم وفد کي خاطري ڪرائِي ته ٻيهر آدمشماري جو واعدو پورو ڪيو ويندو ۽ ايندڙ بجيٽ ۾ آدمشماري لاءِ فنڊز به رکيا ويندا، ملاقات دوران ايم ڪيو ايم وفد ڪراچي ۽ حيدرآباد ۾ جعلي ڊوميسائيل جو معاملو به اٿاريو ۽ چيو ته شهري علائقن جَي ماڻهن جو حق ماريو پيو وڃي، وزيراعظم پاران جعلي ڊوميسائيل ٺاهيندڙن خلاف ڪارروائي جِي به خاطري.