ٽڪ ٽاڪ ٻيهر فيس بڪ سان ٽڪر کائڻ جون تياريون ڪري ورتيون

لنڊن: مختصر وڊيو شيئر ڪندڙ ايپ ٽڪ ٽاڪ هڪ دفعو ٻيهر فيس بڪ سان ٽڪرائجڻ لاءِ تياريون ڪري ورتيون آهن.يورپ ۾ ٽڪ ٽاڪ جي ذريعي شين جي خريد ۽ وڪرو جي آزمائش شروع ڪئي وئي آهي هن ڀيري ٻنهي ڪمپنين وچ ۾ آن لائن شاپنگ جو مقابلو ٿيندو. ٽڪ ٽاڪ يورپ جي مشهور برانڊز سان گڏ ملي طريقي تي ڪم شرو ڪري ڏنو آهي ته جيئن صارفين ايپ جي اندر ئي شيون خريد ڪري سگهن. في الحال آن لائن شاپنگ جو فيچر محدود ماڻهن کي ئي ٽڪ ٽاڪ تي ملي سگهندو جن ماڻهن کي اها فيچر دستياب آهي ان جي ٽڪ ٽاڪ اڪائونٽ ۾ ڪيترين ئي ڪمپنين جي مصنوعات ۽ ان جون قيمتون نظر اينديون آهن.ٽڪ ٽاڪ جي ملڪيت رکندڙ ڪمپني بائيٽ ڊانس کي اميد آهي ته مارڪيٽ ۾ حصص جي وڪرو کان اڳ اي ڪامرس جي شعبي ۾ حاصل ٿي ويندي. ڪمپني طرفان جاري ڪيل هڪ بيان موجب ٽڪ ٽاڪ ۾ اي ڪامرس فيچر کي ٽيسٽ ڪيو پيو وڃي. ان کان علاوه ٽڪ ٽاڪ ۾ شاپنگ بابت صرف اشتهار ڏيکايا ويندا هئا پر هاڻ ڪمپني شاپنگ جي سهوليت ڏيڻ جو به فيصلو ڪيو آهي. آن لائن شاپنگ جي نئين آزمائش هن وڊيو ايپ کي عالمي سطح تي اي ڪامريس سروس متعارف ڪرائڻ ۾ مدد ڏيندي.