ملڪ ۾ ڪورونا جون تباهيون جاري، وڌيڪ 144 ڄڻا فوت

اسلام آباد: پاڪستان ۾ گذريل 24 ڪلاڪن دوران ڪورونا جي حوالي سان خطرناڪ ڏينهن رهيو جنهن ۾ وڌيڪ 144 ڄڻا وائرس سبب لاڏاڻو ڪري ويا جڏهن ته 5800 کان وڌيڪ ڪيس به رپورٽ ٿيا آهن. پاڪستان ۾ ڪورونا جا انگ اکر ٻڌائيندڙ ويب سائيٽ موجب گذريل 24 ڪلاڪن دوران سڄي ملڪ ۾ ڪورونا وائرس جون 53818 ٽيسٽون ڪيون ويون جنهن مان 5870 ڄڻن ۾ ڪورونا وائرس جي تصديق ٿي جڏهن ته وائرس سبب 144 ڄڻا لاڏاڻو ڪري ويا. سرڪاري پورٽل موجب گذريل 24 ڪلاڪن دوران ملڪ ۾ ڪورونا وائرس جي مثبت ايندڙ ڪيسن جي شرح 10.9 سيڪڙو رهي. سرڪاري انگن اکرن موجب ملڪ ۾ ڪورونا سبب فوتگين جو انگ 16842 ٿي ويو آهي ۽ گڏيل ڪيس 7 لک 84108 تائين پهچي ويا آهن جڏهن ته فعال ڪيسن جو انگ 84976 آهي. ان کان سواءِ 24 ڪلاڪن دوران سڄي ملڪ ۾ 5685 مريض ڪورونا مان صحتياب به ٿيا آهن جنهن کان پوءِ گڏيل طور تي صحتياب ٿيندڙن جو انگ 6 لک 82290 ٿي ويو آهي. سرڪاري پورٽل موجب سنڌ ۾ڪورونا جي مريضن جو گڏيل انگ 275815 ٿي ويو آهي جڏهن ته 4576 ڄڻا هن وقت تائين لاڏاڻو ڪري چڪا آهن.