پي ڊي ايم جو اڄ اجلاس طلب ، پ پ ۽ اي اين پي کي نه گهرايو ويو

اسلام آباد: مولانا فضل الرحمان پي ڊي ايم جو اجلاس اڄ اسلام آباد ۾ طلب ڪري ورتو، ذريعن موجب اجلاس مولانا فضل الرحمان جِي رهائشگاهه تي ٿيندو، اپوزيشن جي 8 پارٽيز کي گهرايو ويو آهي،

پيپلز پارٽي ۽ اَي اين پي کي ناهي گهرايو ويو، نون ليگ اڳواڻ راڻا ثناءُ الله چيو آهي ته بي اصولي ۽ دوکيبازي تي وضاحت گهري وئي، جيڪا پيپلز پارٽي نه ڏئي سگهندي،

پي ڊي ايم سان گڏ ائين نٿو هلي سگهجي ته اوهان حڪومت سان به اتحاد ڪريو..